جمعيت العلماءِ هند

جمعيت العلماءِ هند: 23 نومبر 1919ع ۾، دهليءَ ۾ جڏهن خلافت ڪاميٽيءَ جو پهريون اجلاس، مولوي فضل الحق جي صدارت هيٺ ٿيو ته ان موقعي تي اُتي آيل عالمن گڏجي هڪ تنظيم ٺاهي، جنهن جو نالو جمعيت العلماءِ هند رکيو ويو. هن جماعت جو پهريون صدر مولانا ڪفايت الله دهلوي ۽ ناظم مولانا احمد سعيد کي چونڊيو ويو. هن جماعت جو اصل مقصد مسلمانن جي مذهبي مسئلن کي حل ڪرڻ، ترڪي خلافت ۽ دنيا جي مظلوم مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۽ هجرت تحريڪ ۾ شرڪت مولانا محمود الحسن ۽ ٻين روشن خيال عالمن جو واسطو هن تنظيم سان رهيو. هيءَ جميعت انگريز سامراج جي خلاف جدوجهد ڪندڙ تحريڪن ۾ تمام اڳڀري رهي هئي، مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ سنڌ جي ڪيترن روشن خيال عالمن جو هن تنظيم سان لاڳو رهيو آهي .


لفظ جمعيت العلماءِ هندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو